مرحوم؛ انجنيئر محمد ابراهيم شيخ
شڪارپور جيئن ڏٺي مون
شڪارپور سنڌ جو پراڻو تاريخي شهر آهي ڪنهن زماني ۾ سنڌ جو پئرس سڏبو هو، تنهن جو خسته حال ڏسي سچ پچ ڏک کان اکين مان پاڻي ٿو اچيو وڃي. هن قديم شهر جي تاريخ به ڏاڍي پراڻي آهي ، جيڪا منهنجي ڪنهن دوست جي قلم سان اوهان ڪٿي نه ڪٿي ضرور پڙهندا.مهنجو ننڍپڻ جو ابتدائي زمانو پنهنجي مٽن مائٽن جي گهرن تائين محدود رهيو جنهن کان پوءِ سال 1936ع ۾ پرائمري تعليم لاءِ سنڌي اسڪول ۾ داخلا ورتم، ٻاراڻو درجو جنهن کي متفرقه ڪلاس به چوندا هئا، هندوسنڌي اسڪول نمبر 4، جنهن کي هينئر هاٿيدر اسڪول چئجي ٿو تنهن مان پاس ڪيم، ان وقت منهنجو ڪلاس ٽيچر استاد ويڙهومل هو جو ڏاڍو محنتي ۽ هوشيار استاد هو پنهنجي يادگيريءَ ۾ آخر تائين ٻاراڻو درجو پڙهائيندو رهيو، انهيءَ ڪلاس تي هن کي وڏي مهارت حاصل هئي، ان وقت شڪارپور شهر ۾ چوڪرن لاءِ ست سنڌي اسڪول، چار ملان مڪتب ۽ چا اوجها هوندا هئا پهرين درجي سنڌي کان ڇوٿين درجي سنڌي تائين ورنيڪيولر اسڪول نمبر اول هاڻوڪي (قاضي محلا اسڪول) ۾ تعليم ورتم. انهيءَ اسڪول ڏانهن ايندي ويندي دادوائي روڊ ، اسٽورٽ گنج، ڍڪ بازار ۽ اناج منڊي وغيرو مان گذر ٿيندو هو. وقت به وقت پنهنجي والد صاحب ۽ ٻين بزرگن سان هاٿي در، لکيدر ۽ ريلوي اسٽيشن ڏانهن به وڃڻ ج به اتفاق ٿيندو هو اهو زمانو 1937ع کان 1941ع جو هو هن اسڪول ۾ ڏاڍا قابل استاد هئا انهن مان استاد خير محمد سهتو، شير علي خان پٺاڻ ۽ واحد بخش لوهر جا نالا سر فهرست آهن، هيڊ ماستر صاحب استاد حاجي حسن علي شاهه جو ذڪر به لازمي آهي جيڪو قابل استاد ۽ سٺو منتظم هو،
شهر ۽ هر قسم جو ڪاروبار، ڇا ڪپڙي وارن ۽ مڃارين جو ڌنڌو ڇا ڪتب فروشن جا وڏا دوڪان، ڇا مٺائي وارن جا سينگاريل دڪان ڇا بڪال جا ڀريل دڪان مطلب ته سڀني بازارين ۾ چهچٽو لڳو پيو هوندو هو، شڪارپور جي هندو سيٺين جا شهر جي ڍڪ بازار ۾ شاهي دڪان هوندا هئا ۽ هنن جو سڄي دنيا جي ملڪن سان واپار هلندڙ هو، هو ٻين ملڪن مان ڪمائي هن شهر ۾ اچي کپائيندا هئا، سستائپ ۽ ان جي علاوهه روزگار جا ذريعا ججها هوندا هئا، جنهن ڪري ڪمي ڪاسبي خوشحال زندگي بسر ڪندا هئا، هنڊيءَ جو رواج جنهن کي هاڻي بئنڪ ڊرافٽ چون ٿا اهي شڪارپور جي هندو سيٺين جي ايجاد آهي ۽ هن وقت هر هڪ ملڪ ۾ رائج آهي هندو سيٺيون بدن ۾ قدرتي طرح سٻر هوندا هئا ۽ سندس ظاهري عضوا جنهن ۾ پيٽ ۽ ٽنگون شامل آهين سي عام رواجي ماڻهون جي ڀيٽ ۾ ٿُلها هوندا هئا، رواجي فاضل هوا (ريح) خارج ڪرڻ لاءِ پنهنجن خاص نوڪرن مان ٽنگ مٿي ڪرائي ”سوسڙيون“ ساڙيندا هئا ۽ ”ڦٽاڪا “ ڇوڙيندا هئا جنهن کي بي انت جي مايا ڪري چوندا هئا. اونهاري ۾ سنڌ واهه تي به واهه جي رونق هوندي هئي. سال1941ع ۾ مڊل اسڪول اسڪالر شپ جو امتحان امتيازي نمبرن ۾ پاس ڪري ، گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور جي پهرين درجي ۾ داخلا ورتم ان وقت شڪارپور ۾ ڇوڪرن لاءِ چار ۽ ڇوڪرين لاءِ هڪ هاءِ اسڪول هو. سرڪار پاران فقط گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور هو، باقي ٻيا اسڪول خانگي اداره هوندا هئا، جي هندو سيٺين جي مدد سان هلندا هئا شڪارپور ۾ هڪ خانگي ڊگري ڪاليج ان جاءِ تي هوندو هو جتي هينئر ميونسيپل ڪاميٽي آفيس آهي.
سال 1941کان 1948ع تائين تعليم حاصل ڪيم. پنهنجي ثانوي تعليم پرائڻ دوران مون ڏاڍا هوشيار ۽ محنتي استاد ڏٺا، جن ۾ مهراج، وشندت، ڀارواج، جان محمد سومرو، احمد خان بارڪ زئي، ڪشنچند گوڪلاڻي، صادق علي انصاري (شيخو ميان) مسٽراچاريه، ايسرداس مٿراڻي، نور احمد ميمڻ، رامچند ادا ڪرشناڻي، گانڌي ڀائر ۽ ڪيدراناٿ نندا جا نالا قابلِ ذڪر آهن. منهنجي ثانوي تعليم جي پيڙه پهرين درجي جي استاد وشندت پارٿو اج ڪئي، جنهن تي منهنجي ساري تعليم ٻڌل آهي، ان جو اهو ٿورو ناقابل فراموش آهي، هن عرصي دوران مون شڪارپور ۾ ثانوي تعليم جي زبردست چٽا ڀيٽي ڏٺي سنڌي مسلمان شاگرد گهڻي ڀاڱي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ پڙهندا هئا ۽ هندو شاگرد باقي ٻين خانگي اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪندا هئا، جن ۾ پڻ قابل استاد هوندا هئا مگر مئٽرڪ جي نتيجن ۾ سدائين گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور کي فوقيت هاصل هوندي هئي.
سال 1948ع کان 1950ع تائين سي اينڊ ايس گورنمينٽ ڪاليج شڪارپور ۾ انٽر سائنس تائين تعليم پرايم جيتوڻيڪ پاڪستان وجود ۾ اچي چڪو هو ۽ اڪثر هندو پروفيسر هن ڪاليج مان هليا ويا هئا، تنهن هوندي به چند چڱـا پروفيسر اڃا موجود هئا، جن مان پروفيسر ڪيپٽن جي، پي هزاري اّچاريه ، پروفيسر احمد سعيد خان، پروفيسر ظفر حيدري، پروفيسر شاهد علي ۽ پروفيسر کيئلداس فاني جا نالا قابلِ ذڪر آهن، هي ڪاليج سکر شڪارپور روڊ تي واقع آهي ۽ سندن نئين عمارت ٺهڻ بابت به هڪ روايت موجود آهي جا هن مضمون ۾ اڳتي هلي پيش ڪبي، تعليم جي ميدان ۾ سخت مقابلي جي باوجود هن شهر ڪافي حسين تعليم يا فته ماڻهن کي جنم ڏنو، ڇا سياست جي ميدان ۾ ڇا ملڪي انتظام ۾ علم و ادب ۾ انهن هستين پاڻ چڱو موکيو انهن شخصيتن مان هيٺين جا نالا قابلِ ذڪر آهن
سياست ۾؛ الله بخش سومرو، سر غلام حسين ، هدايت الله ، آغا غلام نبي خان پٺاڻ، حاجي مولا بخش سومرو، قاضي عبدالقادر ۽ رحيم بخش سومرو وغيره.
ملڪي انتظام ۾ ؛ آغا گل حسن خان، آغاقادر داد خان پٺاڻ، ميان صادق علي شيخ، آنربل علي بخش، سردار بهادر محمد بخش شيخ، خان بهادر محمد دائم صديقي،، خان بهادر واحد بخش بلوچ، آغا عبدالنبي خان، آغا محمد يعقوب خان، حاجي محمد ڏهر، ڊاڪٽر عبدالقدير افغان، مظفر حسين مغل ، بشير احمد صديقي، الله بخش سومرو، بشير احمد مورياڻي، مقصود احمد شيخ ، ڌڻي بخش سومرو ۽ علي محمد شيخ وغيره ۽ هندن مان مٿراڻي ڀائر ، گوڪلاڻي ڀائر ۽ ديوان مرليڌر وغيره،
علم و ادب ۾ ؛ مير علي نواز علوي، آغا صوفي، امام بخش خادم، مولا بخش مسڪين، غلام علي مسرور، لطف الله بدوي ۽ پروفيسر احسان احمد بدوي حبيب الله ڀٽو وغيرو
چون ٿا ته ڪنهن زمان ۾ هن شهر کي ضلعي هيڊ ڪوارٽر جي حيثيت حاصل هئي پر پنهنجي يادگيري ۾ مون هن تاريخي ۽ بارونق شهر کي سب ڊويزن ۽ تعلقي جو هيڊ ڪوارٽر ئي ڏٺو، انهي ننڍڙي حيثيت ۾ نه صرف هن شهر کي هڪ عاليشان سول اسپتال ، اکين جي علاج جي خاص اسپتال، جنهن کي سرڪار هاڻي پنهنجي تحويل ۾ ورتو آهي، هڪ ڊگري ڪاليج، اسڪائوٽ هيڊ ڪوارٽر، شاندار گهنٽا گهر ، عاليشان پبلڪ لاءِ باغ، ٽائون هال، سڪپل ۽ پر رونق ڊگهي ڍڪ بازار ۽ تفريح جون جايون جهڙوڪ لکي در ۽ هاٿي در وغيره هئا.
روايت آهي ته ڪنهن زماني ۾ شڪارپور جي سول اسپتال موجوده اسلاميه هاءِ اسڪول جي عمارت ۾ هئي جا جڳهه شهر جي وڌندڙ آدمشماري جي ڪري ناڪافي هئي، هن شهر جي ڪن هندو مخير سيٺين سرڪار کي شهر جي لاءِ هڪ وڏي اسپتال ٺهرائڻ جي استدعا ڪئي اُن وقت جي عملدارن خزاني ۾ ايتري گنجائش نه سمجھي انهن نئين اسپتال واري عمارت واري رٿ کي ڪو وزن نه ڏنو انهن حالتن هيٺ شهر جي معززن جو وفد وڃي واسطيدار عملدارن سان وڃي مليو، انهيءَ وفد ۾ اوڌوداس تارا چند نالي هڪ هندو سيٺ به هو، جنهن کي بعد ۾ راءِ بهادر جو خطاب مليو. وفد سان گفتگو سان سرڪاري عملدارن مجبوري ڏيکاري، جنهن تي سيٺ اوڌوداس جوش ۾ اچي اعلان ڪيائين ته اسپتال خانگي چندي سان ٺهرائي ويندي پر قابل ۽ تجربيڪار سيٺ سرڪار کان مطالبو ضرور ڪيو ته عملو سرڪار مهيا ڪري، جا ڳالهه قبول ڪئي ويئي. سيـٺ اوڌوداس تارا چند چندو ڪٺو ڪرڻ شروع ڪيو ، جنهن ۾ پاڻ هڪ لک دان ڏنائين، ۽ ٻين هندو سيـٺين کان پڻ چندو وصول ڪيائين جنهن سان عمارت جو ڪم هڪدم شروع ٿيو، مسلمان مخير حضرات مان سر حاجي عبدالله هارون پڻ چندو ڏنو، جنهن جي نالي پٺيان هڪ بلاڪ اسپتال ۾ موجود آهي. سيٺ اوڌوداس تارا چند هر وقت انهيءَ اسپتال لا چندو ڪٺو ڪندو رهيو آخر تائين چندو ڪٺو ڪندي بمبئي ۾ وڃي پرلوڪ پڌرايو اها اسپتال هن وقت به تمام سٺـي حالت ۾ موجود آهي، جا راءِ بهادر اوڌوداس تارا چند اسپتال جي نالي سان مشهور آهي، ۽ اسٽيشن روڊ تي واقع آهي، جنهن مان روزانو سوين مريض علاج ڪرائي شفاياب ٿي دعائون ڪندا واپس وڃن ٿا،
پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ هي خانگي اسپتال ڪجهه وقت سرڪار جي بي توجهي سبب پوئتي پئجي ويئي هئي، پر عوام جي آواز اٿارڻ جي چند سالن کان سرڪار هن کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو آهي، ۽ موجوده عوامي حڪومت پورو توجهه ڏيئي هن ۾ قابل ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو مقرر ڪري عوام جون دعائون حاصل ڪيون آهن . هن وقت اسپتال جو موجوده سيول سرجن ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ هڪ ماهر سرجن آهي، جنهن جي هٿ شفاسان ڪافي ماڻهون صحتاب ٿي چڪا آهن، ۽ سندس خدمات تحسين لائق آهن. ” هي مضمون 1970ع واري عرصي ۾ لکيو ويو آهي جنهن وقت سر جن نيڪ محمد شيخ اُتي بحثيت سول سرجن مقرر هيو“. (ايڊيٽر)
موجوده وقت سي اينڊ ايس گورنمينٽ ڪاليج به شڪارپور جي تاريخ جو هڪ عجيب و غريب باب آهي، جيئن اڳ ذڪر ڪيو ويو آهي ته هي ڪاليج اوائل ۾ موجوده ميونسپل آفيس ۾ واقع هو، مگر هن شهر جي وڌندرڙ آبادي ۽ تعليمي دلچسپي خصوصا لوئر سنڌ سان چٽا ڀيٽي ڪرڻ ڪري، هن ڪاليج کي وڌائڻ ۽ نئين عمارت ٺاهڻ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي ، انهي سلسلي ۾ معزز شخصيتن تي مشتمل هڪ وفد اُن خير جي ڪم لاءِ چندو گڏ ڪرڻ جي خيال سان نڪتو.
روايت آهي ته هن وفد ۾ مسلمانن مان آغا گل حسن خان، آنر بل علي بخش ۽ ميان گل حسن شيخ شامل هئا، هي وفد پهريائين سيٺ سيتل داس وٽ پهتو، چون ٿا ته هو ڪنهن وڏي ڪارخاني جو مالڪ هو، ۽ ان وفد پنهنجي مقصد کان آگاهه ڪيو ۽ سوال ڪيو ته نئين ڪاليج جي عمارت تي گهڻو خرچ ايندو؟ کين ٻڌايو ويو ته کيس ٻه لک روپيو خرچ ايندو جواب ڏنائين ته توهان هيڏيون بزرگ هستيون وڌيڪ تڪليف نه ڪيو هڪ لک روپيو منهنجي نالي ۽ هڪ لک روپيو چيلا سنگهه نالي تي لکي ڇڏيو ۽ ٻئي ڪنهن کي تڪليف نه ڏيو وفد کي اعتبار ئي نه پيو اچي پر هنن پڪ خاطر سيٺ چيلاسنگهه سان وڃي ملاقات ڪئي، جنهن نهايت خوشي مان چيو ته جيڪي ڪجحه سيٺ سيتل داس چيو آهي اهو مون کي قبول آهي انهن بروقت رقم مهيا ڪئي، شڪارپور جي قابل انجنيئرن مٿرائي برادرس جون اعزازي خدمتون حاصل ڪيون ويون جن پنهنجي نطرداري هيٺ ڊگري ڪاليج جي عمارت کي 1936ع ۾ ٺهرائي راس ڪيو ،جا عمارت هيئنر به پنهنجي روايتي شان سان موجود آهي، عمارت ٺهڻ کانپوءِ نالي رکڻ تي ڪجهه اختلاف پيدا ٿيا ته ٻنهي سيٺين مان اڳ ۾ ڪنهن جي نالو اچي ڇاڪاڻ ته ٻنهي هڪ جيترو چندو ڏنو هو، فيصلو شهر جي سڀ کان وڏي هندو مهراج ” کٽ وارن ٻائي“ تي رکيو ويو، جنهن فيصلو ڏنو ته ٻنهي مان جيڪو عمر ۾ وڏو آهي ان جو نالو اڳ ۾ اچي انهي حساب سان جيئن ته سيٺ چيلا سنگهه عمر ۾ وڏو هو تنهنڪري ڪاليج جو نالو چيلا سنگهه ۽ سيتل داس رکيو ويو، پاڪسان ٺهڻ کانپوءِ سال 1948ع ۾ هي ڪاليج گورنمينٽ پنهنجي تحويل ۾ کنيو سندس نالو چيلا سنگهه ۽ سيتل داس گورنمينٽ سيتل داس رکيو ويو، جو اڄ ڏينهن تائين انهي نالي سان مشهور آهي.
منهنجي يادگيريءَ ۾ سيـٺ هيرانند مينڊي جي اکين جي علاج جي خيراتي اسپتال اسٽيشن روڊ تي واقي هئي، جيڪا پوءِ آهستي آهستي خسته حال هجڻ سبب ختم ٿي وئي، ۽ هيرانند پاڻ نئين خيراتي اسپتال ريلوي ڦاٽڪ جي ڀرسان سکر شڪارپور روڊ جي لاڙ تي ٺهرائڻ شروع ڪئي ۽ جڏهن ٺهي راس مس ٿي ته پرلوڪ پڌرايو ، پوءِ ستت ئي پاڪستان ٺهيو جنهن کانپوءِ هندو سيٺين جي وڃڻ ڪري وڌيڪ توجهه ملي نه سگهيو ، ڊاڪٽر سر هينري هالينڊ وارا جيڪي انهيءَ خيراتي اسپتال ۾ اصل کان وٺـي اکين جو علاج مفت ڪندا هئا، تن هن اسپتال تي قبضو ڪيو ۽ سيٺ هيرانند جو نالو ڊاهي ”مشن اسپتال” رکيو اٽڪل ٻه ي سال ٿيندا جو هنن هن اسپتال جو نالو بدلائي ” ڪرسچن اسپتال“ رکيو هو ۽ هر سال اٽڪل هڪ مهينو ڪوئٽه مان شڪارپور ۾ اچي انهيءَ اسپتال ۾ عام ماڻهن جي اکين جو علاج ڪندا رهن ٿا، سر هينري هالينڊ پاڻ گذاري ويو آهي، پر سندس ان جو پٽ ڊاڪٽر روني هالينڊ جنهن کي ماڻهون عام طرح ڊاڪٽر ”دائود“ چوندا آهن اهو پنهنجو ٻيو عملو وٺي ايندو آهي.
هڪ روايت آهي ته سيٺ هيرانند مينڊي پنهنجي خيراتي اسپتال لاءِ چار لک روپين سان ”ٽرسٽ فنڊـ قائم ڪيو هو جنهن جي هن وقت ڪا خبر نه آهي بحرالحال جيڪڏهن اها حقيقت آهي ته اهي پئسا به شڪارپور جي عوام جي ڀلائي لاءِ خرچ ٿي سگهن ٿا، هيرانند مينڊو هڪ دل ڪشاده ۽ صوفي طريقي جو ماڻهو هو کيس حسن ۽ حسين شين سان پيار هو چون ٿا ته پراڻي اسپتال سامهون با رونق ۽ ڀر فضا باغ هو جنهن ۾ هڪ خوبصورت بنگلو پڻ هو، جو سندس ذاتي تفريح لاءِ هو ۽ جنهن ۾ هو وقت به وقت وڏن ماڻهن کي دعوت ڏئي گهرائيندو هو ۽ دعوتون ڪندو هو هن جو شڪارپور جي حسين نوجوان ڇوڪرَ نالي “راڌي“ سان سٻنڌ هو، جو مرڻ گهڙي تائين قائم رهيو ، چون ٿا ته راڌو به سونهن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو ۽ شڪارپور جو پنهنجي وقت جو حسين ترين نوجوان هو ، ۽ هيرانند سان سندس پيار روحاني هو
ان کان علاوهه شڪارپور شهر ۾ ٻه پبلڪ پارڪ ميونسپل جي انتظام هيٺ هوندا هئا، جتي شام جو عام ماڻهن لاءِ تفريح جا مرڪز بڻيل هوندا هئا، ۽ لطف اندوز ٿيندا هئا، مگر افسوس جو مٿيان ٻئي تفريح گاهه منتظمين جي بي توجهي سبب اڄ چڱي حالت ۾ نه آهن! شاهي باغ جنهن جو هينئر شهيدالله بخش باغ نالو آهي تنهن تي ميونسپل ڪاميٽي ڪجهه ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو آهي، ٻيو باغ گڻيس باغ هينئر لياقت باغ جي نالي سان سڏجي ٿو، سو هاڻي چڱي حالت ۾ آهي، جنهن جي سڌاري جو امڪان نظر اچي ٿو، منهنجي يادگيري ۾ شڪارپور شهر جي وچ ۾ هڪ نهايت ئي خوبصورت ميٽنگ هال ۽ لئبريري، جماڻي هال جي نالي سان مشهور هئي، پر افسوس جو ان کي وقت جي منتظمين پاڻ هٿ سان ڊاهي برباد ڪيو آهي ۽ هاڻي وري کيس ساڳي صورت ۾ آڻڻ لاءِ اجايون ڪوششون ڪري رهيا آهن، هن قسم جي ٽائون هال جي اشد ضرورت محسوس ڪئي وڃي ٿي ڇا ڪاڻ ته وقت به وقت عوامي گڏجاڻي لاءِ ٻي ڪا به موزون جڳهه موجود نه آهي شهر ۾ هڪ خوبصورت گهنٽا گهر آهي جو لکي در جهڙي مرڪزي ۽ پررونق جاءِ تي واقع آهي، ان جي هڪ طرف سنڌ زميندار هوٽل ۽ ديوان (ٺاڪر داس) جو هوٽل قابل ذڪر آهن جو اڃا به هن شهر جي عظمت (رفته) جي نشاندهي ڪري رهيا آهن.
هن شهر جي چوڌاري سر ڪيولر روڊ آهي چون ٿا ته ڪنهن زماني ۾ اهو سرڪيولر روڊ کاهي جي صورت ۾ شڪارپور جي قلعي جو بچاءُ هو. پر اتي قلعي جو ٿورو حصو موجود هو جو هاٿيدر ۽ هزاري در جي وچ تي هو، مگر گذريل ٽي چار سالن کان ان کاي ڊاهي ان جي جاءِ تي نيون عمارتون جوڙايون ويو آهن. هي شهر پيرن فقيرن جو شهر ليکيو ويندو آهي انهي سر ڪيولر روڊ تي هڪ پل ٺهيل آهي جا ” سڪپل“ (فلائي اور) جي نالي سان مشهور آهي، جا انهي قلعي ۽ کاهي جي تصديق ڪري رهئي آهي مون کي چڱي طرح ياد آهي ته شڪارپور شهر جي چوڌاري اٽڪل ٻن ميلن تي باغات جو هڪ پٽو هوندو هو جنهن ۾ ننڍڙا پر رونق باغ هوندا هئا، جن ۾ دنيا جي هر قسم جي ميون جا وڻ رکيل هوندا هئا. اهي اڪثر هندو سيٺين جي ملڪيت هوندا هئا جن ۾ ننڍڙا رهائشي بنگلا به هوندا هئا جيڪي مالڪ پنهنجي تفريح لاءِ استعمال ڪندا هئا ۽ صحيح لطف وٺندا هئا افسوس جو هندن جي وڃڻ کانپوءِ مسلمان مالڪن جي لاپرواهي سبب ڪافي انداز ۾ اهي (باغ ۽ بنگلا )ختم ٿي ويا آهن، يا خسته حال ۾ ٿا ڏسجن، ظلم جي حد ته اها آهي، جو ميويدار وڻن کي ڪپي يا ته ٻارڻ جي ڪاٺين طور استعمال ڪيو ويو يا عمارتي ڪمن طور ڪتب آندو ويو آهي
ڪاش! مسلمان مالڪ، انهن جي قدر و قيمت کان واقف هجن ها! باغات کي نقصان پهچڻ جي ڪجهه ذميواري سم ۽ سيڪ تي به عائد ٿئي ٿي جنهن لاءِ موجود عوامي حڪومت وٽ ڪيئي رٿون زير غور آهن ۽ ڪن تي عمل ٿيڻ شروع به ٿيو آهي انهي حالتن کي مدِنظر رکي، هڪ شاعر جو شعرياد ٿو اچي؛
جي هنج هئا، اتي ڪانون ڪانگيرا ڪيا
ويچارا، وليداد چوي ولر ڪري ويا
اچي ال پسيا انهن اوطاقن ۾ !
شهر جي مخيو حضرات ۽ خصوصا هندو سيٺين جي خدا ترسي ۽ رحمدلي جو ذڪر ڪرڻ به لازمي آهي سيٺيون پنهنجي خرچ سان حوض ٺهرائيندا ۽ مانيون گهڻي انداز ۾ پچرائي حلال جانورن لاءِ ڳئون شالا موڪليندا هئا، ماڪوڙن ڪيولين لاءِ وڻن جي پاڙن ۾ ڳڙ جي مستي وجهندا هئا جيئن هو کائن ۽ کين آسيس ڪن! ان کا علاوهه شهر جي مٿان قدرتي آفات وقت دل کولي دان ڪندا هئا مون کي چڱي طرح ياد آهي ته 1942ع واري ٻوڏ ۾ پنهنجي هڙان هزار ين نه بلڪه لکين روپيا خرچ ڪري، هنن هن قديمي، تاريخي شهر کي بچايو هو، نه ته ٿورڙي غفلت ۽ بي توجهي سببان ٻوڏ جي نذر ٿي وڃي ها ۽ ان کانپوءِ هن شهر جي نالو نشان نه رهئي ها ان جي بر عڪس 1973ع واري ٻوڏ جي خطري دوران حالتون عجيب و غريب نظر آيو، شهر جي بچاءُ لاءِ ڪنهن به قسم جو ڪو خاطر خواه بندو بست ٿي ن سگهيو هو ، وري به شاباس آهي شهر جي واپارين کي، جن ٿورو ڪي گهڻو ڇيڙ لاءِ راشن جو بندو بست ڪيو، پٺاڻ زميندارن پڻ ٻين زميندارن سان گڏجي ڇيڙ جو انتظام ڪيو پر اهو بندوبست ڪٿي؟ هن اوائلي دور ۾ آغا گل حسن خان ٻين مخير مسلم حضرات طرفان پڻ نادار مسلم کي امدادون ۽ اسڪالشپون ڏيڻ ۾ اينديون هيون، شهر جا ماڻهون اڄ کاڌي پيتي ۽ لٽي ڪپڙي وغيرو جا ڏاڍا شوقين ليکيا ويندا آهن، منهنجي يادگيري ۾ پاڪستان ٿيڻ کان اڳ، هر روز شام جو لکي در تي هڪ قسم جو ميلو لڳو پيو هوندو هو ۽ هر هڪ ماڻهو پنهنجي وسعت آهر ويس وڳا ڍڪي لکي در تي ايندو هو ۽ اتي کاڌي پيتي جي شين مان لطف اندوز ٿيندو هو، هينئر جيتو ڻيڪ زمانو بدلجي ويو آهي، تا هم اهو دستور اڃا به ڏسجي ٿو ان وقت راڌي مل جي چاپ ۽ ڪباب، موتي جي قلفي ۽ لکي مل جو ” سوڍا واٽر“ تمام مشهور هوندا هئا، راڌي مل جي ڪشمش ۽ بادام جا ٻه ٽي ڪڻا پيل چاپ ۾، موتي جي نج کير مان تيار ٿيل خوشبودار ڪلفي جنهن ۾ ڪُٽيل پستا پيل ۽ لکي مل جو مختلف قسمن جو خوشبودار سوڍا واٽر ڪڏهن به وسار نٿو سگهجي، ان کان علاوه چبوتڙي واري هولي حلوائي جي مختلف قسمين جون مٺايون ، جن مان انب جي مٺائي کي خاص درجو حاصل آهي، پڻ ياد اچڻ جهڙيون شيون آهن، پستن جي مٺائي باقائده پستن ۽ بادامين جي مٺائي نج بادامين مان ٺهندي هئي پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ اسان جو شڪارپور ۾ انب جي مٺائي ٺهندي ڪانه ڏٺي آهي
راقرم الحروف کي 1954ع ۾ پاسپورٽ تي هندستان وڃڻ وقت بمبئي ۾ هولي حلوائي جي دوڪان تي وڃڻ جو اتفاق ٿيو هو، مون ڏٺو ته هن جو اتي مٺائي جو دوڪان شڪارپور کان به وڏي پئماني تي هو ۽ اتي انب جي مٺائي به موجود هئي دهلي ۾ چاندني چوڪ تي راڌو چاپن جو وڏو ڪاروبار ڪري رهيو هو ۽ سندس چاپ ڪباب ۾ اهو ئي سواد هو! ان کانسواءِ شڪارپور جي کٽاڻ، ڀڳڙا ۽ قسمين قسمين جا مربا ۽ ٻيون سڀئي شيون هينئر به شڪارپور ۾ موجود آهن، پر انهن ۾ اهو معيار، اهو سواد ۽ اهو مزو ڪو نه رهيو آهي
تعليمي ميدان ۾ پڻ اهو معيار نه رهيو آهي شڪارپوري جيڪي پنهنجي قابليت ۽ صلاحيتت کان مشهور هئا، تن کي دوبارهه پنهنجي اصلوڪي مقام ۽ معيار تي اچڻ لاءِ گهڻو وقت لڳندو ۽ انهن کي ڏس ۾ پاڻ پتوڙڻو ۽ محنت کان ڪم وٺڻو پوندو، الله تعالي نئين نسل کي توفيق ۽ طاقت عطا فرمائي، جو هو پنهنجن بزرگن جي روايتن کي قائم رکڻ لاءِ سجاڳ ٿين ۽ هن عظيم شهر کي دوباره عظيم بڻائڻ ۽ اعليِ منزل تي پهچائڻ لاءِ رات ڏينهن محنت کي لڳا رهن.
هي مضمون 1960ع ۽ 1970ع جي ڏهاڪي جو لکيل آهي تنهن ڪري هن مضمون ۾ ڪيتريون ڳالهيون اُن پس منظر ۾ ڏسڻ کپن (ايڊيٽر)