Showing posts with label Shikarpur. Show all posts
Showing posts with label Shikarpur. Show all posts

Sikarpur, as I saw

مرحوم؛ انجنيئر محمد ابراهيم شيخ

شڪارپور جيئن ڏٺي مون

شڪارپور سنڌ جو پراڻو تاريخي شهر آهي ڪنهن زماني ۾ سنڌ جو پئرس سڏبو هو، تنهن جو خسته حال ڏسي سچ پچ ڏک کان اکين مان پاڻي ٿو اچيو وڃي. هن قديم شهر جي تاريخ به ڏاڍي پراڻي آهي ، جيڪا منهنجي ڪنهن دوست جي قلم سان اوهان ڪٿي نه ڪٿي ضرور پڙهندا.مهنجو ننڍپڻ جو ابتدائي زمانو پنهنجي مٽن مائٽن جي گهرن تائين محدود رهيو جنهن کان پوءِ سال 1936ع ۾ پرائمري تعليم لاءِ سنڌي اسڪول ۾ داخلا ورتم، ٻاراڻو درجو جنهن کي متفرقه ڪلاس به چوندا هئا، هندوسنڌي اسڪول نمبر 4، جنهن کي هينئر هاٿيدر اسڪول چئجي ٿو تنهن مان پاس ڪيم، ان وقت منهنجو ڪلاس ٽيچر استاد ويڙهومل هو جو ڏاڍو محنتي ۽ هوشيار استاد هو پنهنجي يادگيريءَ ۾ آخر تائين ٻاراڻو درجو پڙهائيندو رهيو، انهيءَ ڪلاس تي هن کي وڏي مهارت حاصل هئي، ان وقت شڪارپور شهر ۾ چوڪرن لاءِ ست سنڌي اسڪول، چار ملان مڪتب ۽ چا اوجها هوندا هئا پهرين درجي سنڌي کان ڇوٿين درجي سنڌي تائين ورنيڪيولر اسڪول نمبر اول هاڻوڪي (قاضي محلا اسڪول) ۾ تعليم ورتم. انهيءَ اسڪول ڏانهن ايندي ويندي دادوائي روڊ ، اسٽورٽ گنج، ڍڪ بازار ۽ اناج منڊي وغيرو مان گذر ٿيندو هو. وقت به وقت پنهنجي والد صاحب ۽ ٻين بزرگن سان هاٿي در، لکيدر ۽ ريلوي اسٽيشن ڏانهن به وڃڻ ج به اتفاق ٿيندو هو اهو زمانو 1937ع کان 1941ع جو هو هن اسڪول ۾ ڏاڍا قابل استاد هئا انهن مان استاد خير محمد سهتو، شير علي خان پٺاڻ ۽ واحد بخش لوهر جا نالا سر فهرست آهن، هيڊ ماستر صاحب استاد حاجي حسن علي شاهه جو ذڪر به لازمي آهي جيڪو قابل استاد ۽ سٺو منتظم هو،

شهر ۽ هر قسم جو ڪاروبار، ڇا ڪپڙي وارن ۽ مڃارين جو ڌنڌو ڇا ڪتب فروشن جا وڏا دوڪان، ڇا مٺائي وارن جا سينگاريل دڪان ڇا بڪال جا ڀريل دڪان مطلب ته سڀني بازارين ۾ چهچٽو لڳو پيو هوندو هو، شڪارپور جي هندو سيٺين جا شهر جي ڍڪ بازار ۾ شاهي دڪان هوندا هئا ۽ هنن جو سڄي دنيا جي ملڪن سان واپار هلندڙ هو، هو ٻين ملڪن مان ڪمائي هن شهر ۾ اچي کپائيندا هئا، سستائپ ۽ ان جي علاوهه روزگار جا ذريعا ججها هوندا هئا، جنهن ڪري ڪمي ڪاسبي خوشحال زندگي بسر ڪندا هئا، هنڊيءَ جو رواج جنهن کي هاڻي بئنڪ ڊرافٽ چون ٿا اهي شڪارپور جي هندو سيٺين جي ايجاد آهي ۽ هن وقت هر هڪ ملڪ ۾ رائج آهي هندو سيٺيون بدن ۾ قدرتي طرح سٻر هوندا هئا ۽ سندس ظاهري عضوا جنهن ۾ پيٽ ۽ ٽنگون شامل آهين سي عام رواجي ماڻهون جي ڀيٽ ۾ ٿُلها هوندا هئا، رواجي فاضل هوا (ريح) خارج ڪرڻ لاءِ پنهنجن خاص نوڪرن مان ٽنگ مٿي ڪرائي ”سوسڙيون“ ساڙيندا هئا ۽ ”ڦٽاڪا “ ڇوڙيندا هئا جنهن کي بي انت جي مايا ڪري چوندا هئا. اونهاري ۾ سنڌ واهه تي به واهه جي رونق هوندي هئي. سال1941ع ۾ مڊل اسڪول اسڪالر شپ جو امتحان امتيازي نمبرن ۾ پاس ڪري ، گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور جي پهرين درجي ۾ داخلا ورتم ان وقت شڪارپور ۾ ڇوڪرن لاءِ چار ۽ ڇوڪرين لاءِ هڪ هاءِ اسڪول هو. سرڪار پاران فقط گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور هو، باقي ٻيا اسڪول خانگي اداره هوندا هئا، جي هندو سيٺين جي مدد سان هلندا هئا شڪارپور ۾ هڪ خانگي ڊگري ڪاليج ان جاءِ تي هوندو هو جتي هينئر ميونسيپل ڪاميٽي آفيس آهي.

سال 1941کان 1948ع تائين تعليم حاصل ڪيم. پنهنجي ثانوي تعليم پرائڻ دوران مون ڏاڍا هوشيار ۽ محنتي استاد ڏٺا، جن ۾ مهراج، وشندت، ڀارواج، جان محمد سومرو، احمد خان بارڪ زئي، ڪشنچند گوڪلاڻي، صادق علي انصاري (شيخو ميان) مسٽراچاريه، ايسرداس مٿراڻي، نور احمد ميمڻ، رامچند ادا ڪرشناڻي، گانڌي ڀائر ۽ ڪيدراناٿ نندا جا نالا قابلِ ذڪر آهن. منهنجي ثانوي تعليم جي پيڙه پهرين درجي جي استاد وشندت پارٿو اج ڪئي، جنهن تي منهنجي ساري تعليم ٻڌل آهي، ان جو اهو ٿورو ناقابل فراموش آهي، هن عرصي دوران مون شڪارپور ۾ ثانوي تعليم جي زبردست چٽا ڀيٽي ڏٺي سنڌي مسلمان شاگرد گهڻي ڀاڱي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ پڙهندا هئا ۽ هندو شاگرد باقي ٻين خانگي اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪندا هئا، جن ۾ پڻ قابل استاد هوندا هئا مگر مئٽرڪ جي نتيجن ۾ سدائين گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور کي فوقيت هاصل هوندي هئي.

سال 1948ع کان 1950ع تائين سي اينڊ ايس گورنمينٽ ڪاليج شڪارپور ۾ انٽر سائنس تائين تعليم پرايم جيتوڻيڪ پاڪستان وجود ۾ اچي چڪو هو ۽ اڪثر هندو پروفيسر هن ڪاليج مان هليا ويا هئا، تنهن هوندي به چند چڱـا پروفيسر اڃا موجود هئا، جن مان پروفيسر ڪيپٽن جي، پي هزاري اّچاريه ، پروفيسر احمد سعيد خان، پروفيسر ظفر حيدري، پروفيسر شاهد علي ۽ پروفيسر کيئلداس فاني جا نالا قابلِ ذڪر آهن، هي ڪاليج سکر شڪارپور روڊ تي واقع آهي ۽ سندن نئين عمارت ٺهڻ بابت به هڪ روايت موجود آهي جا هن مضمون ۾ اڳتي هلي پيش ڪبي، تعليم جي ميدان ۾ سخت مقابلي جي باوجود هن شهر ڪافي حسين تعليم يا فته ماڻهن کي جنم ڏنو، ڇا سياست جي ميدان ۾ ڇا ملڪي انتظام ۾ علم و ادب ۾ انهن هستين پاڻ چڱو موکيو انهن شخصيتن مان هيٺين جا نالا قابلِ ذڪر آهن

سياست ۾؛ الله بخش سومرو، سر غلام حسين ، هدايت الله ، آغا غلام نبي خان پٺاڻ، حاجي مولا بخش سومرو، قاضي عبدالقادر ۽ رحيم بخش سومرو وغيره.

ملڪي انتظام ۾ ؛ آغا گل حسن خان، آغاقادر داد خان پٺاڻ، ميان صادق علي شيخ، آنربل علي بخش، سردار بهادر محمد بخش شيخ، خان بهادر محمد دائم صديقي،، خان بهادر واحد بخش بلوچ، آغا عبدالنبي خان، آغا محمد يعقوب خان، حاجي محمد ڏهر، ڊاڪٽر عبدالقدير افغان، مظفر حسين مغل ، بشير احمد صديقي، الله بخش سومرو، بشير احمد مورياڻي، مقصود احمد شيخ ، ڌڻي بخش سومرو ۽ علي محمد شيخ وغيره ۽ هندن مان مٿراڻي ڀائر ، گوڪلاڻي ڀائر ۽ ديوان مرليڌر وغيره،

علم و ادب ۾ ؛ مير علي نواز علوي، آغا صوفي، امام بخش خادم، مولا بخش مسڪين، غلام علي مسرور، لطف الله بدوي ۽ پروفيسر احسان احمد بدوي حبيب الله ڀٽو وغيرو

چون ٿا ته ڪنهن زمان ۾ هن شهر کي ضلعي هيڊ ڪوارٽر جي حيثيت حاصل هئي پر پنهنجي يادگيري ۾ مون هن تاريخي ۽ بارونق شهر کي سب ڊويزن ۽ تعلقي جو هيڊ ڪوارٽر ئي ڏٺو، انهي ننڍڙي حيثيت ۾ نه صرف هن شهر کي هڪ عاليشان سول اسپتال ، اکين جي علاج جي خاص اسپتال، جنهن کي سرڪار هاڻي پنهنجي تحويل ۾ ورتو آهي، هڪ ڊگري ڪاليج، اسڪائوٽ هيڊ ڪوارٽر، شاندار گهنٽا گهر ، عاليشان پبلڪ لاءِ باغ، ٽائون هال، سڪپل ۽ پر رونق ڊگهي ڍڪ بازار ۽ تفريح جون جايون جهڙوڪ لکي در ۽ هاٿي در وغيره هئا.

روايت آهي ته ڪنهن زماني ۾ شڪارپور جي سول اسپتال موجوده اسلاميه هاءِ اسڪول جي عمارت ۾ هئي جا جڳهه شهر جي وڌندڙ آدمشماري جي ڪري ناڪافي هئي، هن شهر جي ڪن هندو مخير سيٺين سرڪار کي شهر جي لاءِ هڪ وڏي اسپتال ٺهرائڻ جي استدعا ڪئي اُن وقت جي عملدارن خزاني ۾ ايتري گنجائش نه سمجھي انهن نئين اسپتال واري عمارت واري رٿ کي ڪو وزن نه ڏنو انهن حالتن هيٺ شهر جي معززن جو وفد وڃي واسطيدار عملدارن سان وڃي مليو، انهيءَ وفد ۾ اوڌوداس تارا چند نالي هڪ هندو سيٺ به هو، جنهن کي بعد ۾ راءِ بهادر جو خطاب مليو. وفد سان گفتگو سان سرڪاري عملدارن مجبوري ڏيکاري، جنهن تي سيٺ اوڌوداس جوش ۾ اچي اعلان ڪيائين ته اسپتال خانگي چندي سان ٺهرائي ويندي پر قابل ۽ تجربيڪار سيٺ سرڪار کان مطالبو ضرور ڪيو ته عملو سرڪار مهيا ڪري، جا ڳالهه قبول ڪئي ويئي. سيـٺ اوڌوداس تارا چند چندو ڪٺو ڪرڻ شروع ڪيو ، جنهن ۾ پاڻ هڪ لک دان ڏنائين، ۽ ٻين هندو سيـٺين کان پڻ چندو وصول ڪيائين جنهن سان عمارت جو ڪم هڪدم شروع ٿيو، مسلمان مخير حضرات مان سر حاجي عبدالله هارون پڻ چندو ڏنو، جنهن جي نالي پٺيان هڪ بلاڪ اسپتال ۾ موجود آهي. سيٺ اوڌوداس تارا چند هر وقت انهيءَ اسپتال لا چندو ڪٺو ڪندو رهيو آخر تائين چندو ڪٺو ڪندي بمبئي ۾ وڃي پرلوڪ پڌرايو اها اسپتال هن وقت به تمام سٺـي حالت ۾ موجود آهي، جا راءِ بهادر اوڌوداس تارا چند اسپتال جي نالي سان مشهور آهي، ۽ اسٽيشن روڊ تي واقع آهي، جنهن مان روزانو سوين مريض علاج ڪرائي شفاياب ٿي دعائون ڪندا واپس وڃن ٿا،

پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ هي خانگي اسپتال ڪجهه وقت سرڪار جي بي توجهي سبب پوئتي پئجي ويئي هئي، پر عوام جي آواز اٿارڻ جي چند سالن کان سرڪار هن کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو آهي، ۽ موجوده عوامي حڪومت پورو توجهه ڏيئي هن ۾ قابل ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو مقرر ڪري عوام جون دعائون حاصل ڪيون آهن . هن وقت اسپتال جو موجوده سيول سرجن ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ هڪ ماهر سرجن آهي، جنهن جي هٿ شفاسان ڪافي ماڻهون صحتاب ٿي چڪا آهن، ۽ سندس خدمات تحسين لائق آهن. ” هي مضمون 1970ع واري عرصي ۾ لکيو ويو آهي جنهن وقت سر جن نيڪ محمد شيخ اُتي بحثيت سول سرجن مقرر هيو“. (ايڊيٽر)

موجوده وقت سي اينڊ ايس گورنمينٽ ڪاليج به شڪارپور جي تاريخ جو هڪ عجيب و غريب باب آهي، جيئن اڳ ذڪر ڪيو ويو آهي ته هي ڪاليج اوائل ۾ موجوده ميونسپل آفيس ۾ واقع هو، مگر هن شهر جي وڌندرڙ آبادي ۽ تعليمي دلچسپي خصوصا لوئر سنڌ سان چٽا ڀيٽي ڪرڻ ڪري، هن ڪاليج کي وڌائڻ ۽ نئين عمارت ٺاهڻ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي ، انهي سلسلي ۾ معزز شخصيتن تي مشتمل هڪ وفد اُن خير جي ڪم لاءِ چندو گڏ ڪرڻ جي خيال سان نڪتو.

روايت آهي ته هن وفد ۾ مسلمانن مان آغا گل حسن خان، آنر بل علي بخش ۽ ميان گل حسن شيخ شامل هئا، هي وفد پهريائين سيٺ سيتل داس وٽ پهتو، چون ٿا ته هو ڪنهن وڏي ڪارخاني جو مالڪ هو، ۽ ان وفد پنهنجي مقصد کان آگاهه ڪيو ۽ سوال ڪيو ته نئين ڪاليج جي عمارت تي گهڻو خرچ ايندو؟ کين ٻڌايو ويو ته کيس ٻه لک روپيو خرچ ايندو جواب ڏنائين ته توهان هيڏيون بزرگ هستيون وڌيڪ تڪليف نه ڪيو هڪ لک روپيو منهنجي نالي ۽ هڪ لک روپيو چيلا سنگهه نالي تي لکي ڇڏيو ۽ ٻئي ڪنهن کي تڪليف نه ڏيو وفد کي اعتبار ئي نه پيو اچي پر هنن پڪ خاطر سيٺ چيلاسنگهه سان وڃي ملاقات ڪئي، جنهن نهايت خوشي مان چيو ته جيڪي ڪجحه سيٺ سيتل داس چيو آهي اهو مون کي قبول آهي انهن بروقت رقم مهيا ڪئي، شڪارپور جي قابل انجنيئرن مٿرائي برادرس جون اعزازي خدمتون حاصل ڪيون ويون جن پنهنجي نطرداري هيٺ ڊگري ڪاليج جي عمارت کي 1936ع ۾ ٺهرائي راس ڪيو ،جا عمارت هيئنر به پنهنجي روايتي شان سان موجود آهي، عمارت ٺهڻ کانپوءِ نالي رکڻ تي ڪجهه اختلاف پيدا ٿيا ته ٻنهي سيٺين مان اڳ ۾ ڪنهن جي نالو اچي ڇاڪاڻ ته ٻنهي هڪ جيترو چندو ڏنو هو، فيصلو شهر جي سڀ کان وڏي هندو مهراج ” کٽ وارن ٻائي“ تي رکيو ويو، جنهن فيصلو ڏنو ته ٻنهي مان جيڪو عمر ۾ وڏو آهي ان جو نالو اڳ ۾ اچي انهي حساب سان جيئن ته سيٺ چيلا سنگهه عمر ۾ وڏو هو تنهنڪري ڪاليج جو نالو چيلا سنگهه ۽ سيتل داس رکيو ويو، پاڪسان ٺهڻ کانپوءِ سال 1948ع ۾ هي ڪاليج گورنمينٽ پنهنجي تحويل ۾ کنيو سندس نالو چيلا سنگهه ۽ سيتل داس گورنمينٽ سيتل داس رکيو ويو، جو اڄ ڏينهن تائين انهي نالي سان مشهور آهي.

منهنجي يادگيريءَ ۾ سيـٺ هيرانند مينڊي جي اکين جي علاج جي خيراتي اسپتال اسٽيشن روڊ تي واقي هئي، جيڪا پوءِ آهستي آهستي خسته حال هجڻ سبب ختم ٿي وئي، ۽ هيرانند پاڻ نئين خيراتي اسپتال ريلوي ڦاٽڪ جي ڀرسان سکر شڪارپور روڊ جي لاڙ تي ٺهرائڻ شروع ڪئي ۽ جڏهن ٺهي راس مس ٿي ته پرلوڪ پڌرايو ، پوءِ ستت ئي پاڪستان ٺهيو جنهن کانپوءِ هندو سيٺين جي وڃڻ ڪري وڌيڪ توجهه ملي نه سگهيو ، ڊاڪٽر سر هينري هالينڊ وارا جيڪي انهيءَ خيراتي اسپتال ۾ اصل کان وٺـي اکين جو علاج مفت ڪندا هئا، تن هن اسپتال تي قبضو ڪيو ۽ سيٺ هيرانند جو نالو ڊاهي ”مشن اسپتال” رکيو اٽڪل ٻه ي سال ٿيندا جو هنن هن اسپتال جو نالو بدلائي ” ڪرسچن اسپتال“ رکيو هو ۽ هر سال اٽڪل هڪ مهينو ڪوئٽه مان شڪارپور ۾ اچي انهيءَ اسپتال ۾ عام ماڻهن جي اکين جو علاج ڪندا رهن ٿا، سر هينري هالينڊ پاڻ گذاري ويو آهي، پر سندس ان جو پٽ ڊاڪٽر روني هالينڊ جنهن کي ماڻهون عام طرح ڊاڪٽر ”دائود“ چوندا آهن اهو پنهنجو ٻيو عملو وٺي ايندو آهي.

هڪ روايت آهي ته سيٺ هيرانند مينڊي پنهنجي خيراتي اسپتال لاءِ چار لک روپين سان ”ٽرسٽ فنڊـ قائم ڪيو هو جنهن جي هن وقت ڪا خبر نه آهي بحرالحال جيڪڏهن اها حقيقت آهي ته اهي پئسا به شڪارپور جي عوام جي ڀلائي لاءِ خرچ ٿي سگهن ٿا، هيرانند مينڊو هڪ دل ڪشاده ۽ صوفي طريقي جو ماڻهو هو کيس حسن ۽ حسين شين سان پيار هو چون ٿا ته پراڻي اسپتال سامهون با رونق ۽ ڀر فضا باغ هو جنهن ۾ هڪ خوبصورت بنگلو پڻ هو، جو سندس ذاتي تفريح لاءِ هو ۽ جنهن ۾ هو وقت به وقت وڏن ماڻهن کي دعوت ڏئي گهرائيندو هو ۽ دعوتون ڪندو هو هن جو شڪارپور جي حسين نوجوان ڇوڪرَ نالي “راڌي“ سان سٻنڌ هو، جو مرڻ گهڙي تائين قائم رهيو ، چون ٿا ته راڌو به سونهن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو ۽ شڪارپور جو پنهنجي وقت جو حسين ترين نوجوان هو ، ۽ هيرانند سان سندس پيار روحاني هو

ان کان علاوهه شڪارپور شهر ۾ ٻه پبلڪ پارڪ ميونسپل جي انتظام هيٺ هوندا هئا، جتي شام جو عام ماڻهن لاءِ تفريح جا مرڪز بڻيل هوندا هئا، ۽ لطف اندوز ٿيندا هئا، مگر افسوس جو مٿيان ٻئي تفريح گاهه منتظمين جي بي توجهي سبب اڄ چڱي حالت ۾ نه آهن! شاهي باغ جنهن جو هينئر شهيدالله بخش باغ نالو آهي تنهن تي ميونسپل ڪاميٽي ڪجهه ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو آهي، ٻيو باغ گڻيس باغ هينئر لياقت باغ جي نالي سان سڏجي ٿو، سو هاڻي چڱي حالت ۾ آهي، جنهن جي سڌاري جو امڪان نظر اچي ٿو، منهنجي يادگيري ۾ شڪارپور شهر جي وچ ۾ هڪ نهايت ئي خوبصورت ميٽنگ هال ۽ لئبريري، جماڻي هال جي نالي سان مشهور هئي، پر افسوس جو ان کي وقت جي منتظمين پاڻ هٿ سان ڊاهي برباد ڪيو آهي ۽ هاڻي وري کيس ساڳي صورت ۾ آڻڻ لاءِ اجايون ڪوششون ڪري رهيا آهن، هن قسم جي ٽائون هال جي اشد ضرورت محسوس ڪئي وڃي ٿي ڇا ڪاڻ ته وقت به وقت عوامي گڏجاڻي لاءِ ٻي ڪا به موزون جڳهه موجود نه آهي شهر ۾ هڪ خوبصورت گهنٽا گهر آهي جو لکي در جهڙي مرڪزي ۽ پررونق جاءِ تي واقع آهي، ان جي هڪ طرف سنڌ زميندار هوٽل ۽ ديوان (ٺاڪر داس) جو هوٽل قابل ذڪر آهن جو اڃا به هن شهر جي عظمت (رفته) جي نشاندهي ڪري رهيا آهن.

هن شهر جي چوڌاري سر ڪيولر روڊ آهي چون ٿا ته ڪنهن زماني ۾ اهو سرڪيولر روڊ کاهي جي صورت ۾ شڪارپور جي قلعي جو بچاءُ هو. پر اتي قلعي جو ٿورو حصو موجود هو جو هاٿيدر ۽ هزاري در جي وچ تي هو، مگر گذريل ٽي چار سالن کان ان کاي ڊاهي ان جي جاءِ تي نيون عمارتون جوڙايون ويو آهن. هي شهر پيرن فقيرن جو شهر ليکيو ويندو آهي انهي سر ڪيولر روڊ تي هڪ پل ٺهيل آهي جا ” سڪپل“ (فلائي اور) جي نالي سان مشهور آهي، جا انهي قلعي ۽ کاهي جي تصديق ڪري رهئي آهي مون کي چڱي طرح ياد آهي ته شڪارپور شهر جي چوڌاري اٽڪل ٻن ميلن تي باغات جو هڪ پٽو هوندو هو جنهن ۾ ننڍڙا پر رونق باغ هوندا هئا، جن ۾ دنيا جي هر قسم جي ميون جا وڻ رکيل هوندا هئا. اهي اڪثر هندو سيٺين جي ملڪيت هوندا هئا جن ۾ ننڍڙا رهائشي بنگلا به هوندا هئا جيڪي مالڪ پنهنجي تفريح لاءِ استعمال ڪندا هئا ۽ صحيح لطف وٺندا هئا افسوس جو هندن جي وڃڻ کانپوءِ مسلمان مالڪن جي لاپرواهي سبب ڪافي انداز ۾ اهي (باغ ۽ بنگلا )ختم ٿي ويا آهن، يا خسته حال ۾ ٿا ڏسجن، ظلم جي حد ته اها آهي، جو ميويدار وڻن کي ڪپي يا ته ٻارڻ جي ڪاٺين طور استعمال ڪيو ويو يا عمارتي ڪمن طور ڪتب آندو ويو آهي

ڪاش! مسلمان مالڪ، انهن جي قدر و قيمت کان واقف هجن ها! باغات کي نقصان پهچڻ جي ڪجهه ذميواري سم ۽ سيڪ تي به عائد ٿئي ٿي جنهن لاءِ موجود عوامي حڪومت وٽ ڪيئي رٿون زير غور آهن ۽ ڪن تي عمل ٿيڻ شروع به ٿيو آهي انهي حالتن کي مدِنظر رکي، هڪ شاعر جو شعرياد ٿو اچي؛

جي هنج هئا، اتي ڪانون ڪانگيرا ڪيا

ويچارا، وليداد چوي ولر ڪري ويا

اچي ال پسيا انهن اوطاقن ۾ !

شهر جي مخيو حضرات ۽ خصوصا هندو سيٺين جي خدا ترسي ۽ رحمدلي جو ذڪر ڪرڻ به لازمي آهي سيٺيون پنهنجي خرچ سان حوض ٺهرائيندا ۽ مانيون گهڻي انداز ۾ پچرائي حلال جانورن لاءِ ڳئون شالا موڪليندا هئا، ماڪوڙن ڪيولين لاءِ وڻن جي پاڙن ۾ ڳڙ جي مستي وجهندا هئا جيئن هو کائن ۽ کين آسيس ڪن! ان کا علاوهه شهر جي مٿان قدرتي آفات وقت دل کولي دان ڪندا هئا مون کي چڱي طرح ياد آهي ته 1942ع واري ٻوڏ ۾ پنهنجي هڙان هزار ين نه بلڪه لکين روپيا خرچ ڪري، هنن هن قديمي، تاريخي شهر کي بچايو هو، نه ته ٿورڙي غفلت ۽ بي توجهي سببان ٻوڏ جي نذر ٿي وڃي ها ۽ ان کانپوءِ هن شهر جي نالو نشان نه رهئي ها ان جي بر عڪس 1973ع واري ٻوڏ جي خطري دوران حالتون عجيب و غريب نظر آيو، شهر جي بچاءُ لاءِ ڪنهن به قسم جو ڪو خاطر خواه بندو بست ٿي ن سگهيو هو ، وري به شاباس آهي شهر جي واپارين کي، جن ٿورو ڪي گهڻو ڇيڙ لاءِ راشن جو بندو بست ڪيو، پٺاڻ زميندارن پڻ ٻين زميندارن سان گڏجي ڇيڙ جو انتظام ڪيو پر اهو بندوبست ڪٿي؟ هن اوائلي دور ۾ آغا گل حسن خان ٻين مخير مسلم حضرات طرفان پڻ نادار مسلم کي امدادون ۽ اسڪالشپون ڏيڻ ۾ اينديون هيون، شهر جا ماڻهون اڄ کاڌي پيتي ۽ لٽي ڪپڙي وغيرو جا ڏاڍا شوقين ليکيا ويندا آهن، منهنجي يادگيري ۾ پاڪستان ٿيڻ کان اڳ، هر روز شام جو لکي در تي هڪ قسم جو ميلو لڳو پيو هوندو هو ۽ هر هڪ ماڻهو پنهنجي وسعت آهر ويس وڳا ڍڪي لکي در تي ايندو هو ۽ اتي کاڌي پيتي جي شين مان لطف اندوز ٿيندو هو، هينئر جيتو ڻيڪ زمانو بدلجي ويو آهي، تا هم اهو دستور اڃا به ڏسجي ٿو ان وقت راڌي مل جي چاپ ۽ ڪباب، موتي جي قلفي ۽ لکي مل جو ” سوڍا واٽر“ تمام مشهور هوندا هئا، راڌي مل جي ڪشمش ۽ بادام جا ٻه ٽي ڪڻا پيل چاپ ۾، موتي جي نج کير مان تيار ٿيل خوشبودار ڪلفي جنهن ۾ ڪُٽيل پستا پيل ۽ لکي مل جو مختلف قسمن جو خوشبودار سوڍا واٽر ڪڏهن به وسار نٿو سگهجي، ان کان علاوه چبوتڙي واري هولي حلوائي جي مختلف قسمين جون مٺايون ، جن مان انب جي مٺائي کي خاص درجو حاصل آهي، پڻ ياد اچڻ جهڙيون شيون آهن، پستن جي مٺائي باقائده پستن ۽ بادامين جي مٺائي نج بادامين مان ٺهندي هئي پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ اسان جو شڪارپور ۾ انب جي مٺائي ٺهندي ڪانه ڏٺي آهي

راقرم الحروف کي 1954ع ۾ پاسپورٽ تي هندستان وڃڻ وقت بمبئي ۾ هولي حلوائي جي دوڪان تي وڃڻ جو اتفاق ٿيو هو، مون ڏٺو ته هن جو اتي مٺائي جو دوڪان شڪارپور کان به وڏي پئماني تي هو ۽ اتي انب جي مٺائي به موجود هئي دهلي ۾ چاندني چوڪ تي راڌو چاپن جو وڏو ڪاروبار ڪري رهيو هو ۽ سندس چاپ ڪباب ۾ اهو ئي سواد هو! ان کانسواءِ شڪارپور جي کٽاڻ، ڀڳڙا ۽ قسمين قسمين جا مربا ۽ ٻيون سڀئي شيون هينئر به شڪارپور ۾ موجود آهن، پر انهن ۾ اهو معيار، اهو سواد ۽ اهو مزو ڪو نه رهيو آهي

تعليمي ميدان ۾ پڻ اهو معيار نه رهيو آهي شڪارپوري جيڪي پنهنجي قابليت ۽ صلاحيتت کان مشهور هئا، تن کي دوبارهه پنهنجي اصلوڪي مقام ۽ معيار تي اچڻ لاءِ گهڻو وقت لڳندو ۽ انهن کي ڏس ۾ پاڻ پتوڙڻو ۽ محنت کان ڪم وٺڻو پوندو، الله تعالي نئين نسل کي توفيق ۽ طاقت عطا فرمائي، جو هو پنهنجن بزرگن جي روايتن کي قائم رکڻ لاءِ سجاڳ ٿين ۽ هن عظيم شهر کي دوباره عظيم بڻائڻ ۽ اعليِ منزل تي پهچائڻ لاءِ رات ڏينهن محنت کي لڳا رهن.

هي مضمون 1960ع ۽ 1970ع جي ڏهاڪي جو لکيل آهي تنهن ڪري هن مضمون ۾ ڪيتريون ڳالهيون اُن پس منظر ۾ ڏسڻ کپن (ايڊيٽر)



(آمين)


LIST OF SHIKARPUR OFFICERS CLUB KARACHI SINDH

LIST OF SHIKARPUR OFFICERS CLUB KARACHI SINDH

S.No. Name Designation Postal Adress Ph. Nos.

Abdul Ahad Memon Legal Advisor EBOI 0333-2333417

Abdul Baqi Mahar Registrar City District Govt. Karachi.


Abdul Gaffar Memon Prof. Mathamatics
0302-3466780

Abdul Jabbar Bahtti Section Officer P.M House
03449351210

Abdul Majid Khan
CAA 0333-2093170

Abdul Malik Memon Chief Engineer Wapda

Abdul Nabi Memon Director Finance Dept. of Mines & Minerals near Nepa Chaorangi Karachi 0301-2839681

Abdul Rahim Memon Deputy Rejistrar Sindh High Court Sukkar 0301-3400870

Abdul Rasheed Kalwar Prof. Federal Urdu University Karachi


Abdul Rasheed Solangi DG Mines & Minneral Dept. Govt. of Sindh

Abdul Samad Soomro Educationist Lasbella Karachi

Abdul Sattar Somro S.V P ( U.B.L)
0300-3072096

Abdullah Soomro



Abdul Karim Soomro Pof: History House No, R-550 Phase,1Haroon Bunglows, Near Safroon Chowrangi Kiran Hospita Road,l Karachi 0300-3692961

Abudl Wahab Phulpotion DCC PWO Karachi


Adnan Sheikh N B P
9206033

Afzal Shujrah Engineer RBOD Karachi

Agha Fakhur Hussain
Bilawal House Karachi

Agha A. Fatha Pathan Advocate


Agha Abdul Wahab Advocate


Agha Abdullah Pathan Labour Officer Govt. of Sindh Karachi

Agha Akhtar CM House


Agha Amjad Pathan

0300-3151322

Agha Arslan Khan Politician
0300-8276888

Agha Asadullah S.E.V.P NBP


Agha Ashiq Khan



Agha Assdullah Khan SO Trafic Polce Karachi


Agha Dur Muammad Pathan



Agha Fazlullah Alvi



Agha Fidda Hussain Engineer Elec. CAA

Agha Firdos Khan EDO Transport


Agha Hidayatullah DC Income Tax Income Tax Karachi

Agha Imran Khan Inspector ASF Karachi 0334-3193226

Agha Masna Khan



Agha Mir Alvi SP Police

Agha Muhammad Ali
93-ڊي بلاڪ. ڊي ڀٽائي آباد ڪراچي فون 0345-6070319

Agha Nader Ali Mughal Add. MS. Services Hosp.

Agha Najeeb Ahmed Director PTCL Karachi

Agha Rafiq Ahmed Durani Federal Law Secretary Govt. of Pak.


Agha Saifuddin Justice Retire


Agha Saifullah Khan Advocate


Agha Saleem Writer / Controller PBC

Agha Sanaullah Durani Adocate
0333-7271104

Agha Sanaullah Khan Durani
PECHS Karachi

Agha Shafiq Ahmed Durani OSD Water & Sewerage Board Karachi.

Agha Shafiullah Durani Engineer


Agha Shafqat Noor Prof. Commerce National College Kyc.

Agha Shaheen Khan Advocate


Agha Shanwaz Khan D. D.O. Revenue Karachi.
0300-9318807

Agha Sifat Khan



Agha Sikandar Khan



Agha Siraj Khan Durani Provincial Minister Local Bodies 03008252422

Agha Suhail Khan Engineer Al-Abas Cement Factory 0333-2100598

Agha Syed Attaullah Shah



Agha Tamezudin Khan Zamedar
0300-9299858

Agha Temur Khan Provicial Minister Norcotics

Agha Muhammed Ansar Add.Accountant Genral Sindh 0300-2424565-0219231478

Agha Wajid Durani DIG Trafic Karachi


Agha Zaffarullah Shaeen Pliticaian
0333-3754054

Agha Zameer Pathan S.D. & OC Werks/ Service
0300-9374140

Akbar Sagar



Aminullah Alvi Prof.



Ammir Hamzo Mengal Mr.

موبائل 0300-8920821

Annis Ayaz PIA


Anwar Khan Mahar MPA


Asdullah Memon Mr.
Kala Pul Karachi NMNCH Programme Ph:0307-3436639

Aslam Khan Clork
0300-2336185

Assadullah Kakay Poto
Pakistan Quarter’s Karachi

Assdullah Hajano A.D.B.P Police Incpector
0301-8319300

Azizullah Memon Textile Engineer


Bari Mangi



Barkat Ali Bhutto Bussinessmen
0332394707

Basheer Ahmed Mongi
Dypt. Secrt. Sindh

Papulation welfare Dept. 61-A,

Khatoon Society Karachi.

Ph. 4315337

0300-2513235


Basheer Ahmed Moreyani EX Home Sect. DHA Karachi

Basheer Ahmed Pathan Prof.



Bedil Masroor Badvi Producer Ptv Karachi

Bilal Ahmed Memon Dy. Sect. Staff CM House Karachi.

Col Ghaffar Shah Pak Army


Col. KHadim Hussain Jatoi AMC Pak – Army Karachi

Col. Taj Muhamad Memon Principal Sindh Madarsa Kyc.

Col. Taj Muhammad Memon Principal Sindh Madersa Karachi


Dani Bux Pathan Director Excise
0300-2021212

Dhani Bux Pathan



Dr. A . Rauf Siddiqui Dy Seceretary Home Govt. of Sindh Karachi

Dr. Abdul Qadir Soomro Skin Specialis Pak Steel


Dr. Abdul Qadir Soomro Consaltant Pak Steel

Dr. Abdul Qadir Soomro
Skin Specialist Pak. Steel Mill Hypst. Karachi. Ph. 9264111 Ext: 3212 Cell: 0304-2308345

Dr. Abdul Qayoom Soomro Adviser Presiden House

Dr. Abdul Rasheed Memon



Dr. Abdul Rasheed Memon Consultant Pedriatrican Aga Khan Hospetal

Dr. Abdul Wahab Memon



Dr. Agha Iftikhar



Dr. Agha Nadir Khan



Dr. Anwar Figar Hakro



Dr. Ashik Badvi



Dr. Aziz Memon Skin Specialist PECHS Karachi
0333-7102366

Dr. Badruddin Ujan
Gelesent Semit University Road Karachi. 0334-3687172

Dr. Bashir Ahmed Sheikh VC Agriculture University Tando Jam

Dr. Ishfaq Ahmeed Sajrani

0333-2163025

Dr. Jamaluddin Soomro



Dr. Jan Muhammad Pathan
Civil Hospital Karachi

Dr. Javed Ujan Medical Officer Scioal Sereatry
0321-8991391

Dr. Kahlid Ahmed Shaikh Director Pliang
0333-2163025

Dr. Khalid Shaikh



Dr. KHalil Pathan



Dr. Khursheed Abbasi Chairman


Dr. Muhsan (Sultan Kot)



Dr. Mushtaq Ali Memon Capt.
Women Resourses Centre near Navi Hights Kala Pul Karachi. 03003146816- 5224391

Dr. Mushtaq Memon



Dr. Mushtaq Memon



Dr. Nazeer Ahmad Panhawar Medical Officer Pak Steel

Dr. Nazeer Ahmed Pahore PP Korangi Karachi

Dr. Nazir Pahore



Dr. Neamatullah Alvi



Dr. Noor Ahmed Ghalzai



Dr. Noor Ahmed Ghalzai



Dr. Noor Ahmed Memon

0345-8214577

Dr. Noshad Sheikh V C LUMS Jamshoro

Dr. Nusrat Abbasi Capt


Dr. Rafeeq Ahmed Siddiqi DG Colleges Deppt. of Education


Dr. Rafique Tareen
36/1 St: No: 25 Phase-5 Khayaban Mujahid Clifton Karachi 5853209

Dr. Safdar Awan DMS


Dr. Safdar Awan D. M. S. Civil H Karachi.

Dr. Shafiullah Afghan UK


Dr. Sharaf Ali Shah Consultant Civil H Karachi.

Dr. Yaunus Soomro Civil Hospital


Dr. Zulfiqar Sheikh



Dr………………….Ayaz KPT


Dur Muhammad Pthan Lecharar


Eajaz Mangi Journalist


Eijaz Ahmed Memon Additianl Serectary
0334-3061794

Enayatullah Mahar
Sindh Local Govt. Karachi

Fahad Khan (Jahanger)



Faheem Mugal Chairman Chief Minister Inspection Team Bath Island Karachi

Farhan Ahmed Bablani PA to DS CM House Karachi

Farhan Ahmed Bablani



Faseehuddin Khan Secretary Sindh Govt. Karachi.


Fasihuddin Khan



Fazal Kareem Mangi OGDC


Fazal Karim Mangi



Fazul Ahmed Junejo Depty Driector Mrkctiy
0300-3032604

G Mustafa Solangi PTV Karachi


Ghulam Mustafa Solangi Producer Ptv Karachi

Ghulam Qadir Jamali Food Dept Sindh Govt. Karachi

Ghulam Serwar Sommro Custum Dept. Gul Sahan-e- Hadeed Karachi

Ghulam Subhani Khusharo DSP (SIA ) Karachi


Ghuram Baloch Zamedar
0333702307

Gul Muhammd Luhar Baloch



Gulam Raza Jafri
Hyderabad Hospetal. Pak. Steel Town Ship Bin Qasim Karachi. 0300-2941342

Gulshan Shaikh Section Officer
0321-9213836

Gulzar Ahmed Memon Chief Engineer KDA Karachi.

Gulzar Memon Engineer Chief Engineer Water Board Karachi

Gulzar Mongi SEVP NBP II Chundrigar Road Karachi 0306-2561887

Habib PMA


Hajee Maqbool Ahmed Baloch Inspector Plice


Hamir Soomro Archetect Engr. Muslim Abad Karachi.

Hazabullah Shaikh Education Deptt.
0300-2655380

Humeer Samroo Landlord
0300-2182039

Hyder Bux Hakro



Imteyaz Ahmed Solangi Secretary Local Bodies

Imtiaz Sheikh Ex- Seceretary Agriculture Govt. of Sindh Karachi 0300-3021726-6653596-25732167-0300-9240133

Imtiyaz Ali Solangi
SEVP House No. 74-D,

Income Tax Colony 26 Garden Road Karachi.

0334-3792425

Irfan Ahmed Baloch DPO


Israr Ahmed Alvi Prof.



Israr Ahmed Alvi Prof.



Jamaluddin Alvi
Sindh Assembly 9212043

Javaid Ahmed Qazi Collector Custom Dept.


Jaweed Qazi

9213601-4

Jhanghir Balohc Mangar (P.C. 4 Director
0333-2609088

Jhangir Baloch Manager PIA Karachi

Kamaluddin Memon Prof.



Khalid Hussain Tareen



Khalid Sheikh



Khalil Moryani



Khursheed Ahmed Hajano CAN Controller Naval Accounts Karachi

Laeeq Ahmed Khan Ex MNA


Lal Bux Bhutto EX MPA Karachi


Laqaullah Bhutto



M. Yasir Baloch D D O Revenue


Mahmood Soomro Prof. Principal College Razaq Abad Gulshan-e-Hadeed Karachi 4100078

Manzoor Ahmed Memon Deputy Director Industries Govt. of Sindh Karachi

Manzoor Ahmed Memon Dypt. Director Dept. of Industries.


Manzoor Ahmed Memon Beauro of Statistics Clifton Karachi

Maqbool Shujrah Producer Ptv Karachi

Maqsood Ahmed Shaikh EX Home Sect. Karachi

Maqsood Ahmed Sheikh



Mashooq Ali Unar



Mashooq Ali Unner PM Secretriate Islam.


Mazhar Alvi Area Manager Utility Store Corp.

Mir Mohammad Pahtan Engeneer
0333-2128050

Mohatarma Saeeda Durani
Pakistan Academy of Letters Sector H-8/1 Islmabad.

Mongi ٰ Muhammad Ibrahim
Computer Section

Chief Minister House Karachi.

0333-3578655- 9202093

Monzoor Ahmed Hashmi
Director Bearue of Statistics

Govt. of Pak. Clifton Karachi.

0333-2149992 - 9206672

Mr.Moonis Ayaz Director.genral(Culture Dept. Sindh Moonisayaz@yahoo.com 03337589074

-021-9206073


Mrs. Khursheed Abbasi Prof. Dypt. Controller Radio Pakistan Staff Town University of Karachi.

Muhammad Bux Lashari



Muhammad Ishaq Lashari

021-9250450

-03332150653


Munawar Shah ACO Provincial Ombudsman


Munis Ayaz Prof.



Murli Dhaar Gag wani
109/1 Lane No. 4, Phase 7,

DHA Karachi.

0300-8246733

Muzaamil Shujrah Producer Ptv Karachi

Muzafar Shujrah Producer PTV Karachi


Muzamal Shujrah Producer PTV Karachi


Naeem Ahmed Mugal Custom Dept.


Namatullah Shaikh Director Education
021-5860409

Naseer Ahmed Bhllo Gonptor Engneer
0301-3482129

Naseer Muhammad Shaikh Mr.
GOR – II Sindhi Muslim Hosing Society Karachi. فون 0333-2168598

Naseer Somro Dypt. Controller Radio Pakistan Staff Town University of Karachi.

Naseer Soomro Radio Pakistan


Naveed Ahmed Shaikh Add. Sect.


Naweed Sheikh Add Sec:


Nazim Ahmed Dehar Direcotr News Sindh T.V
0300-3154518

Neamatullah Sheikh



Niaz Ahmed Mangi Air port Secondy
0300-2233784

Nimatullah Shaikh Add. Sec. Edu. Sindh Secretarate Kyc.

Nizamuddin Memon Prof. Agra Taj Collony Leyari Karachi.


Nooruddin KHuharo Sub Inspector


Okash Ahmed Sheikh



Papoo Abro OAB Karachi

Patanber M. P.A
0333-232372

Pervaiz Ahmed Mugal Engineer KDA Karachi.


Pervez Ahmed Soomro P.I. A Officer
03333343047

Pir Muhammad Pathan PTV Karachi


Prof. Ameenullah Alvi



Prof. Dr. Syed Sharaf Ali Shah



Prof. Iqbal Memon DMC Civil H. Karachi


Qazi Jan Muhammad EDO Revenue


Reyaz Ahmed Qureshi Add. Home Sect. Sindh Sect. Karachi.

Rezwan Memon Sect. Education Govt. of Sindh Karachi.


Rizwan Ahmed Memon Seretary
0300-2110431

Rizwan Memon



Saeed Ahmed Pahore
DHA Karachi

Saifullah Khan Lab. Consultant DHA Phase V, Badar Commercial Karachi. Sameer Arcade 5-C, Street No. E. فون 0333-7281778

Saifullah Khan Tarin 0300-3894569


Saleem Ahmed Babalani
C M House Karachi

Salman Qadir Jamali USA


Saqib Ahmed Soomro Reigister Coopertion Housing Socity
0300-2152221

Sarmad Ayaz



Shafqat Soomro PPI Journalist Karachi
0301-2898851

Shahabuddin Prof. Karachi Univesity 4973296

Shakeel Ahe Siddiqui Director Phone Enginer
03009315234

Sham Lal Port Qasim Awtherity
03212016981

Shameer Bhayyo Lecturer Sindhi Govt. Jamia Millia College Malir Karachi.

Shamsuddin Abro
Fl-7 Block-A Gulshan Iqbal Karachi 4580076

Sharif Abro Advocate City Court

Sharif Merani Dept. of Education
9211299

Shuj Din Abro Deputy Secretary
03008282329

Shujauddin Abro Deputy Seceretary CM House Karachi

Sikandar Ali Pahore Senier Civil Judge
0333-7261179

Suhail Ahmed Memon
Oposite Jinnah Terminal Shahra-e-Faisal Karachi. 0333-2311126

Sunje Gang wani
109/1 Lane No. 4, Phase 7,

DHA Karachi.

0300-8982515

Syed Amjad Hussain Shah



Syed Anwar Hyder



Syed Nadir Ali Shah Bukkari PIA


Tanveer Ahmed Hajano Legal Adviser Bank
03028230023

Turab Ahmed Soomro Assistant Cantroller
0333-7541788

Usman Ali Esani
Iqra Univesity Defence View Karachi

Waheed Shaikh



Waheed Sheikh



Wajahat Hussain Mahar
Sindh Board Of Technical Education 0761-572177

Younis Mahar Dharti TV Daily Halchal Rafiq Centre Saddar Karachi 5693792-5693791

Zahid Hussain Memon EDO Revenue


Zahid Hussain Soomro Mr.
7, Flate No. E .17 Crown Garden B/4 Main University Road Karachi. 0300-3669036

Zahoor Afghan

0300-9387886 -5880923 -03002516152

Zamir Amed Katabar Depty Secretary Fannance Deptt:
0346-3281228

Zubair Ahmed Mugal Dy. Director Local Bodies Bath Island Karachi.

Zubair Sheikh Book Write


Zulfikar Marani Airport


Zulfikhar Ali Abro Engineer
0333-7274311